تازه ترين

دنيا ۾ امن لاءِ پاڪستان ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي: جليل عباس جيلاني

نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پاڪستان ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي، پاڪستان گڏيل قومن جي امن مشن ۾ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان هميشه ڇڪتاڻ وارن علائقن ۾ امن جي حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪندو آهي، امن مشنز جو حصو رهندڙ اهلڪارن جي طبي امداد لاءِ به قدم کڻڻ گهرجن.

اسلام آباد ۾ گڏيل قومن جي امن مشن جو ٻن ڏينهن وارو وزارتي اجلاس ٿيو جنهن ۾ نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني تقريب ۾ شريڪ سمورن نمائندن کي خوش آمديد چيو.

اجلاس کي خطاب ڪندي جليل عباس جيلاني چيو ته پاڪستان هميشه ڇڪتاڻ وارن علائقن ۾ امن جي حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪندو آهي، امن مشن جي صلاحيتن جي اضافي لاءِ قدم کڻڻا پوندا.

سندس چوڻ هو ته امن مشنز جو حصو رهندڙ اهلڪارن جي طبي امداد لاءِ به قدم کڻڻ گهرجن، رسمي امن قائم ڪرڻ بدران جديد دور تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پاڪستان ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي، پاڪستان گڏيل قومن جي امن مشن ۾ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
110,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
31.4 ° C
31.4 °
31.4 °
21 %
4.7kmh
11 %
جمعو
34 °
ڇنڇر
34 °
آچر
34 °
سُومر
36 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون