تازه ترين

دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي واقعي بابت ڪيس ۾ ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جا گرفتاري وارنٽ معطل ڪري سندس ضمانت منظور ڪري ورتي

- Advertisement -
دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي واقعي بابت ڪيس ۾ ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جا گرفتاري وارنٽ معطل ڪري سندس ضمانت منظور ڪري ورتي. راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ 9 مئي سانحي بابت ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ ڪي پي جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور پيش ٿيو. ٻڌڻي دوران جج ملڪ اعجاز آصف ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي پيش ٿيڻ تي سندس گرفتاري وارنٽ معطل ڪري ڇڏيا. اهڙي ريت ايڊيشنل سيشن جج راجا فيصل رشيد جي عدالت وڏي وزير علي امين گنڊاپور خلاف نصير آباد ٿاڻي ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي آجيان واري ڪيس ۾ عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي. خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي مجموعي طور 9 مئي سانحي جي 13 ڪيسن ۾ عبوري ضمانت منظور ڪئي وئي آهي. عدالت شخصي ضمانت تي ضمانتون منظور ڪندي سمورن ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز کان ڪيسن جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
20.6 ° C
20.6 °
20.6 °
52 %
4.5kmh
100 %
سُومر
24 °
اڱارو
32 °
اربع
33 °
خميس
28 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون