تازه ترين

دوڙ:پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ جي ڊبليو سي پاران احتجاجي مظاهرو

دوڙ ۾ جرنلٽس، رائيٽرس، سول سوسائٽي فار ٿرٿ، پيس اينڊ جسٽس پاران سنگرار واسڻ نينگري پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو.

جي ڊبليو سي جي جنرل سيڪريٽري ذوالفقار خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب ٻاهران مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.

احتجاج ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، شهرين، وڪيلن ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

اڳواڻن ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته 10 محرم الحرام جي ڏهاڙي سبيل ورهائيندي سنگرار مان نينگري پريا ڪماري کي اغوا ڪيو ويو هو.

هنن چيو ته پوليس نينگري پريا ڪماري کي بازياب ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي.

سندن چوڻ هو ته پريا ڪماري جي والدين سميت شعور رهندڙ هر ماڻهو پريشان آهي پر سنڌ حڪومت سميت سمورا ادارا نينگري کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهن.

اڳواڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پريا ڪماري کي بازياب ڪرائي والدين سميت هر باشعور ماڻهو جي بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
110,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
34.7 ° C
34.7 °
34.7 °
9 %
9.3kmh
34 %
اڱارو
34 °
اربع
33 °
خميس
31 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون