تازه ترين

9 مئي وڳوڙن ۾ ملوث عنصرن کي هر صورت ۾ سزا ملڻ گهرجي: شرجيل انعام ميمڻ

- Advertisement -
سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته 9 مئي وڳوڙن ۾ ملوث عنصرن کي هر صورت ۾ سزا ملڻ گهرجي، پي ٽي آءِ باني جا ٻار لنڊن ۽ قوم جا ٻارڙا جيلن ۾ آهن، هڪ شخص جو مقصد ذاتي سوچ کانسواءِ ڪجهه ناهي، هڪ شخص ادارن خلاف ڪريل سازش ڪئي، ملڪ ۾ سازش تحت باهه ڏني وئي، شهيدن جي يادگار جي بي حرمتي ڪئي وئي جنهن جو مثال نه ٿو ملي. ڪراچي ۾ پيغام امن ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سڪيورٽي فورسز جا جوان سخت ترين علائقن ۾ ڊيوٽيون ڪري رهيا آهن، پ پ جي قيادت ڪڏهن به تشدد جي ڳالهه نه ڪئي آهي، ملڪ جي هڪ هڪ انچ جي حفاظت ڪري تشدد کي هميشه لاءِ دفن ڪرڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته 9 مئي جو واقعو افسوسناڪ آهي، 9 مئي تي شهيدن جي يادگارن جي بيحرمتي ڪئي وئي، 9 مئي تي جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو ملڪ، قوم ۽ نئين نسل لاءِ سٺو نه هو. سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته  9 مئي وڳوڙن ۾ ملوث عنصرن کي هر صورت ۾ سزا ملڻ گهرجي، پي ٽي آءِ باني جا ٻار لنڊن ۽ قوم جا ٻارڙا جيلن ۾ آهن، هڪ شخص جو مقصد ذاتي سوچ کانسواءِ ڪجهه ناهي، هڪ شخص ادارن خلاف ڪريل سازش ڪئي. هن چيو ته ملڪ ۾ سازش تحت باهه ڏني وئي، شهيدن جي يادگار جي بي حرمتي ڪئي وئي جنهن جو مثال نه ٿو ملي. سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته لاهور ۾ تحريڪ انصاف باني جي گرفتاري وقت پنجاب پوليس تي پيٽرول بمن سان حملا ڪيا ويا، آمريڪي اهڙي حرڪت ڪندڙن کي 18 سال سزا ملي، هتي ڇو رعايت ڏني وڃي؟، قصور جيلن ۾ بند سندن نوجوان نسل جو ناهي، سندن ذهن سازي ڪندڙن جو آهي…………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
heavy intensity rain
22.6 ° C
22.6 °
22.6 °
49 %
4.6kmh
88 %
خميس
24 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون