- Advertisement -
راڌڻ ڀرسان ڀرٽ برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ نوجوان مارجي ويو ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو آهي.
ڳوٺ ڪوٺي کوکر ۾ ڀرٽ برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙي دوران فائرنگ ۾ 32 ورهين جو مبين پٽ شمن ڀرٽ مارجي ويو.
فائرنگ سبب 30 ورهين جو صدام حسين ڀرٽ شديد زخمي ٿي پيو جنهن بعد مارجي ويل جو لاش ۽ زخمي کي استپال منتقل ڪيو ويو.
واقعي بعد ڳوٺ ڪوٺي کوکر ۾ ڌريون مورچابند ٿيل آهن ۽ وقفي وقفي سان فائرنگ جو سلسلو هلندڙ آهي.- Advertisement -
