راڻيپور ۾ پيراڻي حويلي ۾ زيادتي بعد بيدردي سان قتل ڪيل نينگري فاطمه ڦرڙو جي قتل ڪيس ۾ گرفتار چئن جوابدارن کي پوليس آزاد ڪري ڇڏيو آهي، جاچ آفيسر جو چوڻ آهي ته چئني جوابدارن کي بيگناهي جا ثبوت پيش ڪرڻ بعد آزاد ڪيو ويو.
پوليس پاران آزاد ڪيلن ۾ ايس ايڇ او امير چانگ، ڊاڪٽر فتاح ميمڻ، ڊاڪٽر علي حسن وساڻ ۽ ڪمپائونڊر امتياز شامل آهن.
جاچ آفيسر قاضي بچل جو چوڻ آهي ته چئني جوابدارن کي بيگناهي جا ثبوت پيش ڪرڻ بعد آزاد ڪيو ويو.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته چئني جوابدارن ڊي ايس پي عبدالقدوس ڪلوڙ جي سربراهي ۾ قائم ڪيل ڪميٽي آڏو پنهنجي بيگناهي جا ثبوت پيش ڪيا.
جاچ آفيسر چيو ته جوابدار اڃا تائين جاچ ۾ شامل آهن، پر کين پوليس جي حراست مان آزاد ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته چئني ڄڻن تي نينگري فاطمه ڦرڙو جي قتل جون حقيقتون لڪائڻ ۽ فرضن ۾ غفلت ڪرڻ جو الزام هو.
عدالت فاطمه ڦرڙو قتل جي مک جوابدار اسد شاهه جي جسماني رمانڊ ۾ 3 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي.
هڪ هفتو اڳ راڻيپور ۾ پيراڻي حويلي ۾ نينگري فاطمه ڦرڙو جي تڙپي تڙپي دم ڏيڻ واري ويڊيو سوش ميڊيا تي وائرل ٿي هئي