تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

راڻيپور جي حويلي ۾ زيادتي بعد قتل ڪيل نينگريءَ واري ڪيس ۾ 4 جوابدار آزاد

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

راڻيپور ۾ پيراڻي حويلي ۾ زيادتي بعد بيدردي سان قتل ڪيل نينگري فاطمه ڦرڙو جي قتل ڪيس ۾ گرفتار چئن جوابدارن کي پوليس آزاد ڪري ڇڏيو آهي، جاچ آفيسر جو چوڻ آهي ته چئني جوابدارن کي بيگناهي جا  ثبوت پيش ڪرڻ بعد آزاد ڪيو ويو.

پوليس پاران آزاد ڪيلن ۾ ايس ايڇ او امير چانگ، ڊاڪٽر فتاح ميمڻ، ڊاڪٽر علي حسن وساڻ ۽ ڪمپائونڊر امتياز  شامل آهن.

جاچ آفيسر قاضي بچل جو چوڻ آهي ته چئني جوابدارن کي بيگناهي جا  ثبوت پيش ڪرڻ بعد آزاد ڪيو ويو.

سندس  وڌيڪ چوڻ هو ته چئني جوابدارن ڊي ايس پي عبدالقدوس ڪلوڙ جي سربراهي ۾ قائم ڪيل ڪميٽي آڏو پنهنجي بيگناهي جا ثبوت پيش ڪيا.

جاچ آفيسر چيو ته جوابدار اڃا تائين جاچ ۾ شامل آهن، پر کين پوليس جي حراست مان آزاد ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته چئني ڄڻن تي نينگري فاطمه ڦرڙو جي قتل جون حقيقتون لڪائڻ ۽ فرضن ۾ غفلت ڪرڻ جو الزام هو.

عدالت فاطمه ڦرڙو قتل جي مک جوابدار اسد شاهه جي جسماني رمانڊ ۾ 3 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي.

هڪ هفتو اڳ راڻيپور ۾ پيراڻي حويلي ۾ نينگري  فاطمه ڦرڙو جي تڙپي تڙپي دم ڏيڻ واري  ويڊيو سوش ميڊيا تي وائرل ٿي هئي

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
7.7 ° C
7.7 °
7.7 °
52 %
2.2kmh
5 %
خميس
16 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
19 °
آچر
19 °
سُومر
16 °

تازه ترين خبرون