تازه ترين

آمريڪا ۾ هڪ پاڪستاني ڊاڪٽر کي دهشتگردي جي الزام ۾ 18 سال قيد

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

آمريڪي رياست مني سوٽا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڊاڪٽر محمد مسعود کي دهشتگردي جي الزام ۾ 18 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي.

آمريڪي ميڊيا موجب 31 سالن جي پاڪستاني ڊاڪٽر دهشتگرد تنظيم داعش لاءِ ڪم ڪرڻ جي ارادي جو اعتراف ڪيو آهي.

پاڪستاني ڊاڪٽر محمد مسعود مني سوٽا جي هڪ ميڊيڪل ڪمپني ۾ ڪم ڪري رهيو هو، هو ايڇ ون بي جي ويزا تي آمريڪا آيو هو.

امريڪي ميڊيا موجب، جنوري کان مارچ 2020۾ دهشتگرد تنظيم داعش ۾ شموليت ۽ ان جي لاءِ اردن وڃڻ جي ارادي جو اظهار ڪيو.

محمد مسعود کي مارچ 2020 ۾ منيپولس ايئرپورٽ تان گرفتار ڪيو ويو هو، گذريل سال آگسٽ ۾ پاڪستاني ڊاڪٽر اعتراف ڪيو ته هو دهشتگرد تنظيم جي سپورٽ ڪرڻ جو ارادو رکندو هو.

مني سوٽا جي هڪ عدالت پاڪستاني ڊاڪٽر محمد مسعود کي 18 سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي، آمريڪي ايف بي آءِ جي جوائنٽ ٽيررسٽ ٽاسڪ فورس جاچ ۾ حصو ورتو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
26.8 ° C
26.8 °
26.8 °
39 %
5.2kmh
27 %
اڱارو
27 °
اربع
31 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون