راڻيپور جي حويلي ۾ زيادتي کانپوءِ قتل ٿيل نينگري فاطما ڦرڙو ڪيس جي ٻڌڻي اڄ ٿيندي.
ڪيس جي مک جوابدار اسد علي شاهه کي هڪ ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.
اسد شاهه جي ڊرائيور اعجاز قاضي ۽ امتياز کي به هڪ ڏينهن جو رمانڊ مڪمل ٿيڻ بعد عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.
عدالت اندر ۽ ٻاهر سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن.