راڻيپور جي حويليءَ ۾ مبينا تشدد دوران قتل ٿيل نينگري فاطمه ڦرڙو جي ميڊيڪل بورڊ سول جج ڪنڊياري جي نگرانيءَ ۾ قبرڪشائي ڪري جزا چڪاس لاءِ ليبارٽري اماڻي ڇڏيا.
راڻيپور جي حويليءَ ۾ مبينا تشدد دوران قتل ٿيل نينگري فاطمه ڦرڙو جي قبر ڪشائي لاءِ جوڙيل ميڊيڪل بورڊ سول جج ڪنڊياري جي نگرانيءَ ۾ ڳوٺ علي محمد ڦرڙو جي قبرستان پهتو.
ميڊيڪل بورڊ ۾ ايم ايس پي ايم سي نوابشاهه ڊاڪٽر عقيل قريشي، پوليس سرجن نوابشاهه ڊاڪٽر امان الله، چيف وومين آفيسر نوشهروفيروز ڊاڪٽر ياسمين جوکيو، فارنزڪ ماهر نوابشاهه، پروفيسر آف پيٿالاجي ۽ ٻيا شامل آهن.
پوليس سرجن حيدرآباد ڊاڪٽر وقار پڻ ٽيڪنيڪل سپورٽ لاءِ ٽيم سان گڏ هو.
ميڊيڪل بورڊ سول جج ڪنڊياري جي نگرانيءَ ۾ قبرڪشائي ڪري جزا چڪاس لاءِ ليبارٽري اماڻي ڇڏيا.
نگران وڏي وزير طرفان اماڻيل 2 ڊاڪٽر به قبر ڪشائي واري عمل ۾ شامل ڪيا ويا.
وڏي وزير طرفان اماڻيل ميمبرن ۾ ڪراچي ۽ سکر جا فارنزڪ ماهر ڊاڪٽر هئا.
فاطمه ڦرڙو جي قبر ڪشائي دوران سندس والد لڙڪ روڪي نه سگهيو.
ان موقعي تي سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا.
اي ايس پي نعمان صديقي جو چوڻ آهي ته ميڊيڪل رپورٽ کانپوءِ نينگري جي موت جي حقيقت جي خبر پوندي، واقعي ۾ ملوث ڪردارن کي بخش نه ڪيو ويندو.