راڻيپور جي پيراڻي حويلي ۾ زيادتي بعد بيدرديءَ سان قتل ڪيل نينگري فاطمه ڦرڙو جي قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، پيراڻي حويلي مان وڌيڪ 5 ڄڻن کي حراست ۾ وٺي جزا ورتا ويا.
پير اسد علي شاهه جي حويلي مان شوڪت علي، واجد علي، ملوڪ گهانگهري، اڪرم علي، سڄڻ ۽ مهر الدين پوليس حراست ۾ وٺي ڊي اين اي لاءِ سندن جزا ورتا ويا آهن.
پير فياض حسين شاهه، مدثر شاهه ۽ اعجاز قاضي جي ڊي اين اي جا نمونا به ورتا ويا آهن.
هن وقت تائين فاطمه ڦرڙو جي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ 14 ڄڻن جا جزا ورتا ويا آهن.
هوڏانهن فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس جي ميڊيڪل بورڊ جوابدارن جي ڊي اين اي رپورٽ جلد ڏيڻ لاءِ لمس ۽ آءِ سي سي بي ايس يونيورسٽي ڪراچي کي خط لکي ڇڏيو آهي.
فاطمه ڦرڙو ڪيس ۾ ميڊيڪل رپورٽ ۾ دير ٿيڻ تي باشعور ڌرين ۾ ڳڻتي ڇانيل آهي.