خيرپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت فاطمه ڦرڙو ڪيس ڪيس ۾ نامزد جوابدار پير فياض شاهه جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.
دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ راڻيپور جي پيراڻي حويلي ۾ تشدد بعد قتل ٿيل نينگري فاطمه ڦرڙو ڪيس ۾ گرفتار جوابدار پير فياض شاھ جي ضمانت بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
فريادي ۽ جوابدار ڌر جي وڪيلن پيش ٿي ڪري ضمانت واري درخواست بابت دليل ڏنا، جڏهن ته عدالت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪندي ٻڌڻي 23 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو 23 آڪٽوبر تي فيصلو ٻڌايو ويندو….