راڻيپور ۾ پريا ڪماري ۽ ٻين جي بازيابي لاءِ 18هين ڏينهن به بک هڙتالي ڪيمپ جاري آهي.
يونائيٽيڊ لائيرس اينڊ سول سوسائٽي فورم سنڌ وائيس آف راڻيپور جي اڳواڻن ڊاڪٽر نظير کوکر، الف سھتي، شفيق کوکر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.
اڳواڻن چيو ته معصوم پريا ڪماري ۽ ٻين مغوين کي فوري طور بازياب ڪرايو وڃي،
هنن چيو ته سنڌ ۾ اغوا جون وارداتون روز جو معمول بڻيل آهن، سردار ڌاڙيلن سان ٻٽ بڻيل آهن.
احتجاج ڪندڙن چيو ته جستائين سمورا مغوي بازياب نه ٿيندا، سندن احتجاج جاري رهندو.
