تازه ترين

راڻيپور ۾ پيرن جي حويليءَ ۾ زيادتي کانپوءِ قتل ٿيل فاطمه ڦرڙو ڪيس جي ٻڌڻي ٿي رهي آهي.

خيرپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ راڻيپور ۾ پيرن جي حويليءَ ۾ زيادتي کانپوءِ قتل ٿيل فاطمه ڦرڙو ڪيس جي ٻڌڻي ٿي رهي آهي.

پوليس طرفان هڪ ڏينهن جو رمانڊ مڪمل ٿيڻ تي مک جوابدار اسد شاهه کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

ڪيس جي مک جوابدار اسد شاهه جي گهرواري حنا شاهه ۽ فياض شاهه گرفتار نه ٿي سگهيا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪيس جي جاچ آفيسر بچل قاضي کي لمس ۽ آئي سي سي بي ايس يونيورسٽي آف ڪراچي مان ڊي اين اي ۽ ٻيون رپورٽون ملي ويون.

ذريعن موجب، ميڊيڪل بورڊ پاران رپورٽون جمع ڪرائڻ لاءِ رابطي باوجود جاچ آفيسر لنوائڻ لڳو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته جاچ آفيسر جوابدارن کي رليف ڏيڻ لاءِ رپورٽون پاڻ وٽ رکي ڇڏيون جڏهن ته جاچ آفيسر 10 ڏينهن گذرڻ باوجود ڪيس جي مک جوابدار اسد شاهه جي موبائيل جو پاس ورڊ به حاصل نه ڪري سگهيو.

ذريعن موجب، جاچ آفيسر طرفان ميڊيڪل رپورٽون به پاڻ وٽ رکڻ تي باشعور ڌرين ۾ بيچيني آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,170FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
18 %
2.2kmh
0 %
ڇنڇر
23 °
آچر
27 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون