رتيديري ۾ بجلي جي تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب نينگر فوت ٿي ويو.
ڀٽا وانڊ پاڙي ۾ بجلي جي تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 15 سالن جو شاهزيب ولد علي گل نوناري فوت ٿي ويو.
وارثن نوجوان جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
وارثن جو چوڻ آهي سيپڪو جي نااهلي سبب سندن نينگر گهٽي اندر کليل بجلي جي تار ۾ وچڙي فوت ٿي وي آهي.
نينگر جو لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو.