رتيديري ڀرسان ڪارنهن تڪرار تان ڳوٺ تي هٿياربندن جي حملي ۾ نينگر سميت 3 ڄڻا قتل

- Advertisement -
رتيديري ڀرسان ڪارنهن تڪرار تان ڳوٺ تي هٿياربندن جي حملي ۾ نينگر سميت 3 ڄڻا قتل ٿي ويا آهن. هٿياربندن ڳوٺ بختيار ڪورڪاڻي تي حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ جي نتيجي ۾ ڇهن ورهين جو نينگر وسيم ڪورڪاڻي پٽ نصرالله ڪورڪاڻي  ٻه سڳا ڀائر فريد ڪورڪاڻي ۽ محبت ڪورڪاڻي پٽ رحمت الله ڪورڪاڻي مارجي ويا. اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولن جا لاش تعلقي اسپتال منتقل ڪيا، جتان پوسٽ مارٽم بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو جکراڻي ۽ ڪورڪاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن تڪرار تان پيش آيو آھي، ڪجھه وقت اڳ جکراڻي برادري جا 3 ڄڻا گولي دڙي ڀرسان قتل ڪيا ويا هئا، هي واقعو ان جو پلان لڳي رهيو آهي. ٻئي پاسي مقتولن جي سئوٽ نعمت الله ڪورڪاڻي ٻڌايو  ته محمد مٺل ڪورڪاڻي ۽ قيوم جکراڻي جي وچ ۾ ڪارنهن جي معاملي تان مسئلو هلندڙ هو، سندن اُن ڌر سان ڪو به تعلق ناهي پر هٿياربندن ناحق حملو ڪري سندن 3 ماڻهو قتل ڪيا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
4 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
19.9 ° C
19.9 °
19.9 °
20%
0.3m/s
0%
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون