- Advertisement -
رحيم يار خان ويجهو امير بالاج ٽيپو جي قتل ڪيس جو مک جوابدار خواجا تعريف گلشن عرف طيفي بٽ مبينا مقابلي ۾ مارجي ويو آهي.
پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته سي ٽي ڊي اهلڪار، جوابدار طيفي بٽ کي جاچ لاءِ رحيم يار خان کڻي وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ سندس ساٿين حملو ڪري کيس ڇڏائي ورتو، پوليس جي پيڇو ڪرڻ تي جوابدارن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي.
ذريعن موجب، طيفي بٽ پنهنجي ئي ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويو، پوليس علائقي کي ڪڙو چاڙهي آپريشن شروع ڪري ڇڏيو، جڏهن ته طيفي بٽ جو لاش مرده خاني منتقل ڪيو ويو آهي.
پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي، جوابدارن جي ڳولا ڪئي وئي وڃي، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پوليس اهلڪار نورحسن به زخمي ٿي پيو.- Advertisement -
