رمضان المبارڪ ۾ به ظالم فوج جا غزه تي حملا جاري

- Advertisement -
رمضان المبارڪ ۾ به ظالم فوج جا غزه تي حملا جاري آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران حملن ۾ 95 فلسطيني شهيد ۽ 130 ڄڻا زخمي ٿيا آهن. فلسطيني ميڊيا جو چوڻ آهي ته 7 آڪٽوبر کان هن وقت تائين غزه ۾ شهيدن ٿيلن جو انگ 31 هزار 112 تائين پهچي ويو جڏهن ته 72 هزار 760 زخمي ٿي چڪا آهن. عرب ميڊيا موجب، غزه ۽ رفح ۾ رهائشي گهرن تي بمباري، 19 فلسطيني ۽ زيتون محلي ۾ رهائشي عمارتن تي حملي ۾ 16 فلسطيني شهيد ٿي ويا جڏهن ته يهودي فوج هن وقت تائين 4 هزار کان وڌيڪ فلسطينين کي غيرقانوني طريقي سان حراست ۾ وٺي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو آهي. ٻئي پاسي اسرائيل فلسطينين جي مسجد اقصى ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، جڏهن ته قابض يهودي فوج مسجد اقصى جو گھيراءُ ڪري ورتو آهي هوڏانهن گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس هڪ ڀيرو ٻيهر غزه ۾ فوري جنگ بندي جو مطالبو ڪيو آهي. انتونيو گوتريس جو چوڻ آهي ته مسلمانن جو با برڪت مهينو رمضان شروع ٿي ويو آهي، رمضان شروع ٿيڻ باوجود غزه ۾ قتل، بمباري ۽ خونريزي جاري آهي. هن مطالبو ڪيو ته بندوقن کي خاموش ڪري ڀلاري مهيني جي جذبي جو احترام ڪرڻ سان گڏ تمام رنڊڪون ختم ڪري زندگي بچائيندڙ امداد جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.9 ° C
28.9 °
28.9 °
16%
2.2m/s
2%
جمعو
28 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °
سُومر
31 °
اڱارو
29 °

تازه ترين خبرون