پشاور ۾ پوليس موبائل تي دهشتگردن جي فائرنگ ، 2 اهلڪار شهيد

- Advertisement -
پشاور ۾ پوليس موبائل تي دهشتگردن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا. مچني گيٽ ڊاگ ڪاره واري علائقي ۾ گشت ڪندڙ پوليس موبائل تي اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪئي، گوليون لڳڻ سبب ڪانسٽيبل اجمل ۽ سراج شهيد ٿي ويا جڏهن ته موبائل آفيسر مظهر زخمي ٿي پيو شهيدن جا مڙهه ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. فائرنگ کانپوءِ اڻڄاتل دهشتگرد فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، واقعي جي اطلاع ملندي ئي قانوني لاڳو ڪندڙ ادارن جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهتي ۽  علائقي کي گھيري ۾ آڻي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو جڏهن ته واقعي واري هنڌ تي شاهديون گڏ ڪري وڌيڪ ڪارروائي جي شروعات ڪئي وئي. ٻئي پاسي ايس ايس پي آپريشنز جو چوڻ آهي ته پوليس اهلڪار معمول جي پيٽرولنگ تي هئي ته دهشتگردن حملو ڪيو، جنهن ۾ ڪانسٽيبل اجمل ۽ سراج شهيد ٿي ويا جڏهن ته موبائل آفيسر مظهر زخمي ٿي پيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29 ° C
29 °
29 °
14%
1.7m/s
0%
ڇنڇر
29 °
آچر
30 °
سُومر
31 °
اڱارو
30 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون