تازه ترين

رياست جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي تحفظ ۾ پاڪ فوج جون خدمتون اهم حيثيت رکن ٿيون: صدر آصف علي زرداري

صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته رياست جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي تحفظ ۾ پاڪ فوج جون خدمتون اهم حيثيت رکن ٿيون، شهيدن جو رت سدائين پاڪستاني قوم جي طاقت جي علامت رهندو.

صدر آصف علي زرداريءَ سان آرمي چيف جنرل عاصم منير ملاقات ڪئي، چيف آف آرمي اسٽاف،  آصف علي زرداريءَ کي ملڪ جو صدر ۽ هٿياربند فوجن جي ڪمانڊر جو عهدو سنڀالڻ تي واڌايون ڏنيون.

آرمي چيف، صدر لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

جنرل عاصم منير صدر کي ملڪ ۾ دهشتگردي خلاف جاري آپريشنن بابت به آگاهي ڏني.

آرمي چيف ملاقات ۾ روايتي خطرن خلاف آپريشنل تيارين بابت به بريفنگ ڏني.

جنرل عاصم منير بلوچستان ۽ ڪي پي جي علائقن سميت ترقياتي منصوبن ۾ فوج  ڪردار بابت  آگاهه ڪيو.

صدر آصف علي زرداريءَ، ملڪ جي هٿياربند فوج جي مثالي ڪردار جي واکاڻ ڪئي.

سندس چوڻ هو ته رياست جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي تحفظ ۾ پاڪ فوج جون خدمتون اهم حيثيت رکن ٿيون.

صدر متاثر علائقن جي سماجي ترقي لاءِ فوج جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي.

آصف علي زرداري قومي طاقت جي ذريعي دهشتگردي جو ڀرپور جواب ڏيڻ جو قومي عزم ورجايو.

صدر، هڪ مخصوص سياسي پارٽي ۽ ان جي ڪجهه ماڻهن طرفان اداري توڙي ان جي قيادت خلاف بي بنياد الزامن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.

آصف علي زرداريءَ ملڪي ترقي ۾ رنڊڪ وجهندڙ عنصرن کي لوهي هٿن سان منهن ڏيڻ جو عزم ورجايو.

صدر، قوم لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ شهيدن کي ڀيٽا پڻ پيش ڪئي.

آصف علي زرداريءَ جو چوڻ هو ته شهيدن جو رت پاڪستاني قوم جي طاقت جي علامت رهندو.

صدر، شهيدن ۽ سندن خاندانن جي  قربانين کي به ڀيٽا پيش ڪئي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
108,000SubscribersSubscribe
Pakistan
moderate rain
12.9 ° C
12.9 °
12.9 °
70 %
4.5kmh
31 %
ڇنڇر
13 °
آچر
16 °
سُومر
18 °
اڱارو
21 °
اربع
22 °

تازه ترين خبرون