تازه ترين

رٽرننگ آفيسرن جي فيصلن خلاف اپيلون داخل ٿيڻ جو سلسلو شروع

- Advertisement -
8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذن تي رٽرننگ آفيسرن جي فيصلن خلاف درخواستون داخل ڪرائڻ جو سلسلو جاري آهي. ن ليگ قائد نواز شريف جي اين اي 130 لاهور تي نامزدگي ڪاغذن جي منظوري کي چئلينج ڪندي اليڪشن ٽربيونل ۾ درخواست داخل ڪئي وئي. نواز شريف جي نامزدگي ڪاغذن جي منظوري خلاف درخواست پاڪستان عوامي محاذ جي سربراهه ايڊووڪيٽ اشفاق چوڌري داخل ڪئي. درخواست ڏيندڙ موقف اختيار ڪيو ته نواز شريف کي سپريم ڪورٽ تاحيات نااهل قرار ڏنو آهي هو چونڊ وڙهڻ لاءِ اهل ناهي جڏهن ته رٽرننگ آفيسر حقيقتن جي ابتڙ نواز شريف جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا. اين اي 89 ۽ 90 تان تحريڪ انصاف جي اميدوار عمير خان نيازي درخواست داخل ڪرائي جيڪا ٻڌڻي لاءِ منظور ڪئي وئي. جسٽس چوڌري عبدالعزيز رٽرننگ آفيسر ميانوالي ۽ اليڪشن ڪمشنر پنجاب کي نوٽيس جاري ڪندي سڀاڻي تائين سمورو رڪارڊ طلب ڪري ويو. درخواست ڏيندڙ عمير خان نيازي اپيل ڪئي ته سندس ڪاغذ سياسي انتقام ۾ رد ڪيا ويا رٽرننگ آفيسر جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏني وڃي. پنجاب جي صوبائي تڪ پي پي 290 ڊي جي خان تي تحريڪ انصاف جي محمد الدين کوسا ۽ زرتاج گل اين اي 185 ڊي جي خان تان نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف درخواستون داخل ڪرايون. تحريڪ انصاف جي اميدوار شعيب شاهين اسلام آباد جي ٽن قومي اسيمبلي جي تڪن تان نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي. خيبرپختونخوا ۾ به اليڪشن ٽربيونل ۾ تحريڪ انصاف جي 8 اميدوارن درخواستون داخل ڪرايون. اليڪشن ڪميشن جي شيڊول موجب رٽرننگ آفيسرن جي فيصلن  تي اپيلن جو عمل 3 جنوري تائين جاري رهندو. اليڪشن ڪميشن جي شيڊول ۾ چيو ويو آهي ته اپيلن تي چونڊ ٽربيونل 10 جنوري تائين فيصلا ڪندا. اليڪشن ڪميشن جي شيڊول موجب، اميدوار نامزدگي ڪاغذ 12 جنوري تائين واپس وٺي سگهندا. اليڪشن ڪميشن جي شيڊول ۾ چيو ويو آهي ته اميدوارن کي چونڊ نشان 13 جنوري تي  الاٽ ڪيا ويندا ۽ عام چونڊن لاءِ 8 فيبروري تي پولنگ ٿيندي………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
28 ° C
28 °
28 °
40 %
5.6kmh
59 %
اربع
28 °
خميس
34 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
29 °
آچر
30 °

تازه ترين خبرون