تازه ترين

وارهه: واپاريءَ کان 40 لک رپيا ڦر، همراهه بيهوش ٿي ويو

- Advertisement -
وارهه ۾ واپاري جي ڀائٽي کان ڦر ۽ بدامني خلاف شٽر بند هڙتال ڪري شهرين پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. سٽي هوٽل ويجهو موٽرسائيڪل سوار 3 هٿياربند هٿيارن جي زور تي واپاري علي نواز بروهي جي ڀائٽي عبيد بروهي کان 40 لک رپيا ڦر ڪري ويا. ڦر واقعي بعد عبيد بروهي بيهوش ٿي ويو جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. واپاري دڪاندار اتحاد جي سڏ تي شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪري شهرين پاران عيد محمد بروهي، بشير بروهي، رياض الدين ابڙي، بلاول کهاوڙ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري شهيد فاضل راهو چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو. اڳواڻن جو چوڻ آهي ته پوليس جي نااهلي سبب شهر ۾ ڦرلٽ جا واقعا وڌي رهيا آهن، بدامني جي ڪري ڪوبه شهري محفوظ ناهي. هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته بدامني تي ضابطو آڻي ڦر ٿيل رقم واپس ڪرائي جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
32.4 ° C
32.4 °
32.4 °
26 %
3.3kmh
39 %
اربع
32 °
خميس
34 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °
آچر
31 °

تازه ترين خبرون