مايوسي پکيڙيندڙ توڙي ڊفالٽ جون ڳالهيون ڪندڙ اڄ ڪٿي آهن؟ : آرمي چيف

spot_img
آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته  رڳو پاڪستاني ئي پاڪستان ۾ بيل آئوت ذريعي معاشي استحڪام آڻي سگهن ٿا، پنهنجو پيسو کڻي پاڪستان اچو، عوام به ڪمائي ۽ ملڪ به ترقي ڪندو، ياد رکو پاڪستان کانسواءِ سندن ڪا به سڃاڻپ ناهي، مايوسي پکيڙيندڙ توڙي ڊفالٽ جون ڳالهيون ڪندڙ اڄ ڪٿي آهن، ڇا کين ذميوار قرار نه ڏيڻ گهرجي؟ پاڪستان جي ڊجيٽل سرحد جي حفاظت ۽ عوام جي ڊجيٽل سڪيورٽي رياست جي ذميواري آهي، کيس پاڪستان جي روشن ۽ مستحڪم تي پورو يقين آهي، معاشي انگ اکر بهتر آهن، ايندڙ سال وڌيڪ بهتري ايندي. ڪراچيءَ ۾ بزنس ڪميونٽي کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته سال اڳ ڇانيل مايوسيءَ جا ڪڪر ختم ٿي چڪا آهن،  گذريل ڀيري به چيو هو ته مايوسي مسلمان لاءِ حرام آهي. هن چيوته پاڪستاني معيشت جا سمورا انگ اکر هاڪاري آهن، ايندڙ سال تائين اڃا وڌيڪ بهتري ايندي. آرمي چيف چيو ته مايوسي پکيڙيندڙ ۽ ڊفالٽ جون ڳالهيون ڪندڙن اڄ ڪٿي آهن؟ ڇا انهن کي جوابده قرار نه ڏيڻ گهرجي؟ جنرل عاصم منير چيو ته سڀني کي ذاتي مفادن تي پاڪستان کي ترجيح ڏيڻ گهرجي،  رياست ماءُ جهڙي هوندي آهي، ان جو قدر لبيا،  عراق ۽ فلسطين جي عوام کان پڇو. آرمي چيف چيو ته ياد کو پاڪستان کانسواءِ سندن ڪا به سڃاڻپ ناهي، جيتريون به ڏکيائيون هجن جيڪڏهن سڀ گڏجي ويندا ته ڪو ڪجهه به نه ڪري سگهندو. جنرل عاصم منير چيو ته پنهنجو پيسو کڻي پاڪستان اچو، عوام به ڪمائي ۽ ملڪ به ترقي ڪندو، رڳو پاڪستاني ئي پاڪستان کي بيل آئوت ذريعي معاشي استحڪام آڻي سگهن ٿا. آرمي چيف چيو ته غير قانوني ڪاروبار ڪندڙ دهشتگردن جي پٺڀرائي  ڪندا آهن، جن جي پويان مخصوص عنصر هوندا آهن. جنرل عاصم منير چيو ته پاڪستان جي ڊجيٽل سرحدن جي حفاظت ۽ عوام جي ڊجيٽل سڪيورٽي رياست جي ذميواري آهي. ان کان اڳ آرمي چيف جنرل عاصم منير، ڪراچيءَ ۾ هلندڙ دفاعي نمائش آئيڊياز 2024ع جو دورو ڪري دوست ملڪن جي فعال شرڪت جي واکاڻ ڪئي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته آرمي چيف جنرل عاصم منير آئيڊياز نمائش جو دورو ڪيو. آرمي چيف تقريب ۾ موجود پرڏيهي فوج عملدارن ۽ دفاعي مندوبن سان ڳالهه ٻولهه به ڪئي. ڪراچي پهچڻ تي آرمي چيف جو ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل بابر افتخار سندن شاندار آجيان ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب نمائش ۾ 557 نمائش لڳائيندڙ شرڪت ڪري رهيا آهن، جن مان 333 عالمي نمائش لڳائيندڙ آهن، 36 ملڪن طرفان اسٽال لڳايا ويا آهن، جن مان سترهن ملڪ پهريون ڀيرو شرڪت ڪري رهيا  آهن. آئيڊياز 2024ع جو ٻارهون ايڊيشن 22 نومبر 2024 تي پڄاڻيءَ تي پهچندو.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.5 ° C
18.5 °
18.5 °
15%
1.8m/s
0%
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °

تازه ترين خبرون