تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سائفر ڪيس: شاهه محمود قريشي وڌيڪ ٽن ڏينهن جي رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت قائم ڪيل خاص عدالت سائفر گم ٿيڻ بابت ڪيس ۾ تحريڪ انصاف جي سينيئر وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشيءَ جي جسماني رمانڊ ۾ وڌيڪ ٽن ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي.

اسلام آباد جي خاص عدالت جي جج ابوالحسنات پي ٽي آجي جي سينيئر وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشيءَ خلاف سائفر گم ٿيڻ بابت ڪيس جي بند ڪمري ۾ ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي شاهه محمود قريشي کي عدالت ۾ پيش ڪيو.

شاهه محمود قريشي طرفان سينيئر وڪيل شعيب شاهين ۽ ايف آءِ اي جو اسپيشل پراسيڪيوٽر شاهه خاور عدالت ۾ پيش ٿيا.

ايف آءِ اي جي اسپيشل پراسيڪيوٽر شاهه خاور، شاهه محمود قريشي جي وڌيڪ 9 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي.

شاهه محمود قريشي جي وڪيل شعيب شاهين وڌيڪ جسماني رمانڊ جي مخالفت ڪئي.

عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو جيڪو ڪجهه دير بعد ٻڌائي ڇڏيو.

عدالت تحريڪ انصاف جي سينيئر وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشيءَ جي جسماني رمانڊ ۾ وڌيڪ ٽن ڏينهن جي واڌ ڪندي کيس ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو……..

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
29.2 ° C
29.2 °
29.2 °
16 %
3.4kmh
32 %
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °
سُومر
31 °

تازه ترين خبرون