تازه ترين

سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر خلاف آئيني درخواست پهرين ٻڌڻي تي رد

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ هاءِ ڪورٽ، نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جي مقرري خلاف درخواست نه ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جي مقرري خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي.

درخواست ڏيندڙ وڪيل ابراهيم ابڙي چيو ته جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر 4 اپريل 2022ع تي سپريم ڪورٽ مان رٽائرڊ ٿيو، آئين جي آرٽيڪل 207 تحت مقبول باقر نگران وڏو وزير نٿو ٿي سگهي.

درخواست ڏيندڙ داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جي رٽائرمينٽ کي 2 سال مڪمل ناهن ٿيا هو نگران وڏو وزير نٿو بڻجي سگهي، کيس وڏي وزير طور ڪم ڪرڻ کان روڪيو وڃي.

عدالت درخواست رد ڪندي مختصر حڪم جاري ڪندي چيو ته تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو.

درخواست ڏيندڙ وڪيل ابراهيم ابڙي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو..

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
9 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
32.6 ° C
32.6 °
32.6 °
15 %
6.8kmh
0 %
آچر
33 °
سُومر
33 °
اڱارو
31 °
اربع
31 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون