- Advertisement -
ڏهن ورهين جي نينگري ساره شريف جي قاتل پيءُ تي برطانيا ۾ جيل اندر حملو ٿيو، حملي ۾ عرفان شريف زخمي ٿي پيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب ٻن ڄڻن رٿابندي تحت عرفان شريف تي حملو ڪيو، عرفان شريف تي ڪين سان ٺاهيل هٿيار سان حملو ڪيو ويو.
عرفان شريف جي گڙدن ۽ چهري تي زخمي آيا آهن.
واضح رهي ته گذريل مهيني 10 ورهين جي ساره شريف جي قتل ڪيس ۾ مقتولا جي پيءُ عرفان شريف ۽ ماٽيلي ماءُ بينش بتول کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي.
عدالت مقتولا نينگري جي چاچي فيصل ملڪ کي به 16 سال قيد جي سزا ٻڌائي.- Advertisement -
