- Advertisement -
غزا جي پناهگير ڪئمپن تي اسرائيلي فورسز جي بمباري ۾ 71 فسلطيني شهيد ٿي ويا آهن.
اسرائيلي فوج جا غزا تي حملا جاري آهن، اسرائيلي فورسز پناهگير ڪئمپن کي بمباري جو نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ 71 فسلطيني شهيد ٿي ويا.
اسرائيلي فوج محفوظ قرار ڏنل علائقي المواسي کي به نشانو بڻايو، اسرائيلي فورسز جي بمباري ۾ 12 ڄڻا شهيد ٿي ويا، ريمل تي ڊرون حملي ۾ 2 فلسطينين شهادت ماڻي، جڏهن ته 18 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
وچ غزا ۾ الزوائده ۽ منصوره تي حملي ۾ 17 ڄڻا شهيد ٿي ويا.
غزا ۾ شهيدن جو مجموعي انگ 45 هزار 581 ٿي ويو، جڏهن ته هڪ لک 8 هزار 438 زخمي ٿي چڪاآهن- Advertisement -
