تازه ترين

سامونڊي فوج جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف آمريڪا جو دورو

- Advertisement -
سامونڊي فوج جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف آمريڪا جو دورو ڪيو، جتي آمريڪي سامونڊي ۽ سول قيادت سان اهم ملاقاتون ڪيون، جن سان دفاعي سهڪار کي هٿي ملندي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سامونڊي فوج جي سربراهه پنهنجي آمريڪي دوري ۾ آمريڪي ڊپٽي چيف آف دي نيول اسٽاف آپريشنز ۽ ڪوسٽ گارڊ جي وائس ڪمانڊنٽ سان ڌار ڌار ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب، ايڊمرل نويد اشرف، آمريڪا جي نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جو به دورو ڪيو ۽ يونيورسٽي جي صدر وائس ايڊمرل پيٽر اَي گارون سان ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ملاقاتن دوران پيشيوراڻي دلچسپي جي معاملن، علاقائي سلامتي، پيشوراڻي تربيت ۽ ميري ٽائم سهڪار بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب، سامونڊي فوج جي سربراهه آمريڪي پرڏيهي آفيس جو به دورو ڪيو جتي سياسي ۽ فوجي معاملن جي ڊپٽي اسسٽنٽ سيڪريٽري سٽينلي ايل برائون سان ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ايڊمرل نويد اشرف، آمريڪي اسڪالرن ۽ ٿنڪ ٽينڪ جي ماهرن کي هڪ تقريب ۾ خطاب پڻ ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب، سامونڊي فوج جي سربراهه، علاقائي ميري ٽائم سڪيورٽي چئلينجن ۽ گڏيل ميري ٽائم ڪوششن ۾ سامونڊي فوج جي سهڪار بابت روشني وڌي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ايڊمرل نويد اشرف جي آمريڪي دوري سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ ميري ٽائم سڪيورٽي ۽ دفاعي سهڪار کي هٿي ملندي…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
5 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
28.7 ° C
28.7 °
28.7 °
34 %
1kmh
0 %
خميس
31 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون