سانا جي وفد 15 لک رپين جي امدادي رقم نينگري فاطما ڦرڙو جي وارثن حوالي ڪري ڇڏي، اڳواڻن جو چوڻ آهي ته چوڻ آهي ته نينگري جي خون سان انصاف لاءِ جدوجهد ۾ هر ممڪن مدد ڪئي ويندي.
آمريڪا ۾ رھندڙ سنڌين جي تنظيم سانا جو صدر ڊاڪٽر مقبول ھاليپوٽو، محمد طفيل ميمڻ، ڊاڪٽر علي اڪبر نائچ، سنڌ سھائي آرگنائيزيشن جي چيئرمين ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو خانواھڻ پھچي فاطمه جي وارثن سان تعزيت ڪئي.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سانا جي صدر ڊاڪٽر مقبول ھاليپوٽو چيو ته معصوم نياڻي فاطمه ڦرڙو جو واقعو انتھائي افسوسناڪ آهي، تعليم جي گھٽتائي سبب اھڙا واقعا ٿين ٿا.
هن چيو ته سندن ماروئڙن کي تعليم سان گڏ ھنري سکيا جي اھم ضرورت آهي، جيئن اهي علائقن ۾ ننڍن روزگار وسيلي پنهنجي ٻارن جو بھتر مستقبل ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري سگهن.
سندس چوڻ هو ته سانا طرفان کان اعلانيل رقم 15 لک روپيه ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو جي نگراني ۾ فاطمه ڦرڙو جي وارثن لاءِ گھر ٺھرائڻ، روزگار ۽ ننڍڙن ڀائرن توڙي ڀينرن جي تعليم لاءِ خرچ ڪيا ڪيا ويندا.
ڊاڪٽر مقبول ھاليپوٽو چيو ته سانا کي پرديس ۾ رھي ڪري به ھميشه پنهنجي ماروئڙن جو درد رھندو آھي، هو فاطمه جي وارثن سان ھر ممڪن سھڪار ڪندا. سانا جي وفد معصوم نينگري فاطمه ڦرڙوجي وارثن کي ڪتابن ۽ ڪپڙن جا تحفا به ڏنا.