تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سانگهڙ ويجهو فصل جي ڀيل تان جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي سبب 3 ڄڻا قتل

- Advertisement -
سانگهڙ ويجهو فصل جي ڀيل تان جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي سبب 3 ڄڻا قتل ۽ 30 زخمي ٿي پيا، جنهن بعد وارثن لاش رکي ڌرڻو هنيو، گهرو وزير نوٽيس وٺندي واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي. چوٽياريون جي ڳوٺ جاني جوڻيجو ۾ فصل جي ڀيل تان جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي ٿي پيو. جهيڙي دوران گوليون لڳڻ سبب 3 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 30 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، جنهن بعد لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. لاش سول اسپتال پهچايا ويا ته وارث علائقي واسي وڏي انگ ۾ گڏ ٿي ويا ۽ قاتلن جي گرفتاري لاءِ سخت احتجاج ڪيو ويو. مڙهه ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا ، جنهن بعد وارثن لاش کڻي پريس ڪلب آڏو رکي احتجاجي مظاهرو ڪيو. مارجي ويلن جي وارثن جو چوڻ هوته هٿياربندن سندن گهرن تي ڪاهه ڪئي، جنهن دوران 3 ڄڻا مارجي ويا. سندن چوڻ هو ته بااثرن بناجواز سندن گهرن تي ڪاهه ڪري فائرنگ ڪئي آهي. احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي. ٻئي پاسي ٽن ڄڻن جي قتل بعد ڌريون مورچابند ٿي ويون، شهر ۾ خوف واري صورتحال پکڙجي وئي. صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي سانگهڙ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. صوبائي گهرو وزير چيو ته معصوم ۽ بيگناهه ماڻهن کي قتل ڪندڙ جوابدارن کي هر صورت ۾قانون جي پڪڙ ۾ آندو وڃي. هوڏانهن سرڪار جماعت جي روحاني پيشوا ۽ پ پ اڳواڻ ايم اين اي مخدوم جميل الزمان واقعي جو نوٽيس وٺندي قاتلن جي فوري گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
27.6 ° C
27.6 °
27.6 °
15 %
3.6kmh
33 %
خميس
28 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
27 °

تازه ترين خبرون