تازه ترين

سانگهڙ ويجهو فصل جي ڀيل تان جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي سبب 3 ڄڻا قتل ۽ 30 زخمي ٿي پيا

سانگهڙ ويجهو فصل جي ڀيل تان جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي سبب 3 ڄڻا قتل ۽ 30 زخمي ٿي پيا، جنهن بعد وارثن لاش رکي ڌرڻو هنيو، گهرو وزير نوٽيس وٺندي واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي.

چوٽياريون جي ڳوٺ جاني جوڻيجو ۾ فصل جي ڀيل تان جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي ٿي پيو.

جهيڙي دوران گوليون لڳڻ سبب 3 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 30 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، جنهن بعد لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

لاش سول اسپتال پهچايا ويا ته وارث علائقي واسي وڏي انگ ۾ گڏ ٿي ويا ۽ قاتلن جي گرفتاري لاءِ سخت احتجاج ڪيو ويو.

مڙهه ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا ، جنهن بعد وارثن لاش کڻي پريس ڪلب آڏو رکي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

مارجي ويلن جي وارثن جو چوڻ هوته هٿياربندن سندن گهرن تي ڪاهه ڪئي، جنهن دوران 3 ڄڻا مارجي ويا.

سندن چوڻ هو ته بااثرن بناجواز سندن گهرن تي ڪاهه ڪري فائرنگ ڪئي آهي.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.

ٻئي پاسي ٽن ڄڻن جي قتل بعد ڌريون مورچابند ٿي ويون، شهر ۾ خوف واري صورتحال پکڙجي وئي.

صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي سانگهڙ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

صوبائي گهرو وزير چيو ته معصوم ۽ بيگناهه ماڻهن کي قتل ڪندڙ جوابدارن کي هر صورت ۾قانون جي پڪڙ ۾ آندو وڃي.

هوڏانهن سرڪار جماعت جي روحاني پيشوا ۽ پ پ اڳواڻ ايم اين اي مخدوم جميل الزمان واقعي جو نوٽيس وٺندي قاتلن جي فوري گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
123,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
16.3 ° C
16.3 °
16.3 °
26 %
0.7kmh
17 %
جمعو
18 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °
سُومر
17 °
اڱارو
17 °

تازه ترين خبرون