- Advertisement -
سانگهڙ ۾ چوٽياريون ويجهو ڳوٺ جاني جوڻيجي ۾ قتل ٿيل ٽن نوجوانن جي وارثن پاران لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو آهي.
ڊي ايس پي مقتولن جي وارثن سان ڳالهين لاءِ پهتو، جنهن تي وارثن ساڻس ڳالهين کان انڪار ڪري ڇڏيو.
ڌرڻي سبب سانگهڙ شهر جي مختلف علائقن ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستا بند ٿي ويا ۽ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.
وارثن جو چوڻ هو ته جيسيتائين ايم اين اي علاؤالدين جوڻيجو تي ڪيس داخل نه ڪيو ويندو تيسيتائين سندن ڌرڻو جاري رهندو.- Advertisement -
