تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سپريم ڪورٽ ايڊيشنل رجسٽرار خلاف شوڪاز نوٽيس واپس وٺي پروسيجر ۽ ججز ڪميٽي جي اختيارن جو معاملو چيف جسٽس ڏانهن اماڻي ڇڏيو

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ ايڊيشنل رجسٽرار خلاف شوڪاز نوٽيس واپس وٺي پروسيجر ۽ ججز ڪميٽي جي اختيارن جو معاملو چيف جسٽس ڏانهن اماڻي ڇڏيو آهي. جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس عقيل عباسي تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ايڊيشنل رجسٽرار جوڊيشل نذر عباس خلاف توهين عدالت ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. جسٽس منصور علي شاهه ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي چيو ته ايڊيشنل رجسٽرار جوڊيشل ڄاڻي واڻي عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي ناهي ڪئي، ان لاءِ نذر عباس خلاف توهين عدالت جو نوٽيس واپس ورتو وڃي ٿو. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ججز ڪميٽي ۽ آئيني ڪميٽي عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪئي، عدالت ڪميٽين جي اختيار تي فل ڪورٽ جوڙڻ لاءِ فائل چيف جسٽس ڏانهن موڪلي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته چيف جسٽس کي هن معاملي تي هڪ فل ڪورٽ جوڙڻ گهرجي، پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي ۽ ججز آئيني ڪميٽي عدالتي حڪم کي نظرانداز ڪيو. جسٽس منصور علي شاهه فيصلي ۾ لکيو ته عدالتي وقار کي نظر ۾ رکندي توهين عدالت جو نوٽيس ڪميٽين کي نه ڪري رهيا آهن، اهو اهم معاملو آهي، چيف جسٽس هميشه لاءِ ان کي طئي ڪرڻ لاءِ فل ڪورٽ جوڙي. سپريم ڪورٽ ايڊيشنل رجسٽرار جوڊيشل نذر عباس خلاف شوڪاز نوٽيس جي ڪارروائي ختم ڪري ڇڏي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
22 %
2.5kmh
96 %
جمعو
26 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °

تازه ترين خبرون