- Advertisement -
سانگهڙ ۾ ڏوهن تي ضابطو نه آيو، هٿياربند ڳوٺاڻي کان 15 لک رپيا روڪ رقم ڦري فرار ٿي ويا.
باکوڙو واسي عبدالحق لغاري کان هٿياربند باکوڙو روڊ تي ساڍا 15 لک رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا.
متاثر سانگهڙ ٿاڻي تي پهچي ٻڌايو ته هو پئٽرول جو ڪاروبار ڪندو آهي، روڪ رقم بئنڪ ۾ جمع ڪرائڻ لاءِ کڻي وڃي رهيو هو ته 3 هٿياربند کيس لغاري پيٽرول پمپ ڀرسان باکوڙو روڊ تي تشدد جو نشانو بڻائي ساڍا 15 لک ڦر ڪري فرار ٿي ويا.
هن مطالبو ڪيو ته ڦر ٿيل روڪ رقم واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.- Advertisement -
