سبي ويجهو پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي ٽيوب ويل تي فائرنگ ۾ پي ءُ ۽ پٽ قتل ٿي ويا آهن.
ڪرته واري علائقي ۾ هٿياربندن گوليون هڻي وسيم خان ۽ عبدالمالڪ کي قتل ڪري فرار ٿي ويا.
اطلاع ملڻ بعد ليويز فورس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولن جا لاش کڻائي مڇ اسپتال منتقل ڪيا ، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا.
ليويز عملدارن جو چوڻ آهي ته واقعو پراڻي تڪرار تان پيش آيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
ٻنهي ڳوٺاڻن جا لاش گهر پچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو.