سجاول ڀرسان ڦر جي ڪوشش دوران گولي لڳڻ سبب ڦورو مارجي ويو ۽ ڳوٺاڻو زخمي ٿي پيو.
ٻيلو روڊ تي هڪ ڦورو ڳوٺاڻي ابوبڪر جاکرو کان ڦر ڪري رهيو هو ته ڳوٺاڻو ۽ جوابدار هٿئين پئجي ويا جنهن دوران گولي لڳڻ سبب نامعلوم ڦورو موقعي تي ئي مارجي ويو جڏهن ته ڳوٺاڻو پڻ زخمي ٿي پيو.
واقعي جي اطلاع تي ايس ايس پي سجاول شهلا قريشي سول اسپتال سجاول پهچي ڄاڻ ورتي.
ڳوٺاڻي ابوبڪر جاکرو جو چوڻ آهي ته هو ڳوٺ وڃي رهيو هو ته نامعلوم ڦورو کائونس ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن دوران ڦورو مارجي ويو ۽ هو پڻ زخمي ٿي پيو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي مارجي ويل ڦورو جي سڃاڻپ اڃان تائين ناهي ٿي سگهي واقعي بابت جاچ ڪئي پئي وڃي.


