تازه ترين

سرهاڙي: زرداري-انڙ برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، ٻيو زخمي

سرهاڙي ويجهو زمين جي مالڪي جي تڪرار تان ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو قتل ۽ هڪ زخمي ٿي پيو جڏهن ته مقتول جي وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

کڏهر ٿاڻي جي حد ور اسٽاپ ڀرسا زرداري ۽ انڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو.

جهيڙي دوران گوليون لڳڻ سبب محمد صديق زرداري قتل ٿي ويو ۽ اسماعيل انڙ زخمي ٿي پيو.

اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمي کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.

مقتول جو لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو.

قتل ٿيل محمد صديق زرداري جي وارثن پاران سٺ ميل ناڪي وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

ڌرڻي سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
113,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
30.3 ° C
30.3 °
30.3 °
35 %
6.2kmh
38 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
34 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
28 °

تازه ترين خبرون