سرهاڙي: زرداري-انڙ برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، ٻيو زخمي

- Advertisement -
سرهاڙي ويجهو زمين جي مالڪي جي تڪرار تان ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو قتل ۽ هڪ زخمي ٿي پيو جڏهن ته مقتول جي وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. کڏهر ٿاڻي جي حد ور اسٽاپ ڀرسا زرداري ۽ انڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو. جهيڙي دوران گوليون لڳڻ سبب محمد صديق زرداري قتل ٿي ويو ۽ اسماعيل انڙ زخمي ٿي پيو. اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمي کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. مقتول جو لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو. قتل ٿيل محمد صديق زرداري جي وارثن پاران سٺ ميل ناڪي وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.3 ° C
21.3 °
21.3 °
35%
2.1m/s
0%
ڇنڇر
21 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
27 °
اربع
28 °

تازه ترين خبرون