سرهاڙي ويجهو گهر جي ڀت ڪرڻ سبب 4 ٻارڙا دٻجي فوت ٿي ويا.
ڳوٺ رمضان انڙ ۾ گهر اندر راند ڪندي 4 ٻارڙن مٿان اوچتو ڀت ڪري پئي.
وارثن زخمي ٻارڙن ظهور انڙ، اشرف انڙ، ابوبڪر انڙ ۽ حرا انڙ کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو.
وارثن جو چوڻ هو ته ٻارڙن کي زخمي حالت ۾ کڻي رورل هيلٿ سينٽر پهچايو پر ڊاڪٽر نه هئڻ سبب ٻارڙا فوت ٿيا آهن.
فوت ٿيل ٻارڙن جا لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو.