تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

 سعودي عرب، اسرائيل طرفان غزا ۾ جنگبديءَ ۾ دير سبب آمريڪا سان اهم دفاعي معاهدي جي پيروي ختم ڪري ڇڏي

- Advertisement -
سعودي عرب، اسرائيل طرفان غزا ۾ جنگبديءَ ۾ دير سبب آمريڪا سان اهم دفاعي معاهدي جي پيروي ختم ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي خابرو اداري رائٽرز موجب ٻن سعودي ۽ چار اولهه جي عملدارن ٻڌايو ته سعودي عرب آمريڪا سان دفاعي معاهدو معطل ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب هڪ مڪمل طور تيار ٿيل آمريڪي سعودي معاهدي کي آمريڪي سينيٽ مان ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان پاس ڪرائڻ جي ضرورت هوندي پر اهو ان وقت تائين شروع نه  ٿي سگهندو جيستائين رياض اسرائيل کي تسليم نٿو ڪري. معاهدي ۾ علائقائي خطرن خاص طور ايران کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل فوجي مشقن ۽ مشقن کي وڌائڻ شامل آهي. ذريعن موجب اهو معاهدو آمريڪا ۽ سعودي دفاعي فرمن وچ ۾ ڀائيواري کي هٿي ويندو، جڏهن ته  معاهدو جديد ٽيڪنالاجي خاص طور ڊورن دفاعي شعبي ۾ سعودي سيڙپڪاري کي هٿي  ڏيندو. گلف ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي سربراهه عبدالعزيز الصغير چيو ته سعودي عرب کي هڪ سڪيورٽي ڊيل ملندي جيڪا وڌيڪ فوجي سهڪار ۽ آمريڪي هٿيارن جي وڪري جي اجازت ڏيندي. هلندڙ سال جي شروعات ۾ هڪ وسيع پئماني تي گڏيل سلامتي جو معاهدو حاصل ڪرڻ جي مهم ۾ سعودي عرب فلسطيني رياست بابت پنهنجي موقف ۾ نرمي ڪندي آمريڪا کي ٻڌايو ته اسرائيل طرفان ٻه رياستي حل لاءِ عوامي عزم نار رياست کي معمول تي آڻڻ لاءِ ڪافي ٿي سگهي ٿو. پر غزا ۾  اسرائيل جي فوجي ڪاررواين تي سعودي عرب ۽  وچ اوڀر ۾ عوام ڏک ۽ ڪاوڙ سبب سعودي ولي عهد محمد بن سلمان هڪ ڀيرو ٻيهر اسرائيل کي تسليم ڪرڻ کي مشروط قرار ڏيندي چيو ته هو هڪ فلسطيني رياست قائم ڪرڻ لاءِ پختا قدم کڻندا. اولهه جي سفارتڪارن جو چوڻ آهي ته اسرائيلي وزيراعظم بن يامن نيتن ياهو هاڻي به سعودي ۽ عرب دنيا ۾ قبوليت ماڻڻ لاءِ بي چين آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
5 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
24.4 ° C
24.4 °
24.4 °
15 %
3.1kmh
0 %
خميس
29 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °
آچر
29 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون