تازه ترين
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي فلسطيني رياست جي قيام ۽ اسرائيل کان والاريل فلسطيني علائقن مان نڪرڻ جو مطا... وزيراعظم شهباز شريف جي سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان رياض ۾ ون واٽر سربراهي اجلاس جي موقعي تي ملاق... وزيراعظم شهباز شريف فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون سان ملاقات ڪئي وچ اوڀر جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي ڳڻتي آهي، اسرائيل خطي جي سلامتي ۽ سڪيورٽي داءَ تي لڳائي ڇڏي:اسحاق ڊ... ڏکڻ ڪوريا جي صدر ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪري ڇڏيو ميرپورخاص جي عدالت ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جو لاش ساڙڻ واري ڪيس ۾ ٻن مک جوابدارن جون ضمانتون رد پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي جو سلسلو برقرار، هنڊريڊ انڊيڪس هڪ لک 4 هزار 225 پوائنٽس جي حد پار ڪري ... شدت پسندي ۽ انتهاپسندي پي ٽي آءِ جي عادت رهي آهي: ناصر شاهه ڪي اليڪٽرڪ بجليءَ جا بل ادا نه ڪرڻ تي پاڪستان ريلوي جي بجلي ڪٽڻ شروع ڪري ڇڏي هڪ بهتر پاڪستان جي تعمير ۾ معذور ماڻهن جي ڪردار ۽ انهن جي خدمتن کي تسليم ڪيو وڃي : بلاول ڀٽو زرداري

 سعودي عرب، اسرائيل طرفان غزا ۾ جنگبديءَ ۾ دير سبب آمريڪا سان اهم دفاعي معاهدي جي پيروي ختم ڪري ڇڏي

سعودي عرب، اسرائيل طرفان غزا ۾ جنگبديءَ ۾ دير سبب آمريڪا سان اهم دفاعي معاهدي جي پيروي ختم ڪري ڇڏي آهي.

پرڏيهي خابرو اداري رائٽرز موجب ٻن سعودي ۽ چار اولهه جي عملدارن ٻڌايو ته سعودي عرب آمريڪا سان دفاعي معاهدو معطل ڪري ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب هڪ مڪمل طور تيار ٿيل آمريڪي سعودي معاهدي کي آمريڪي سينيٽ مان ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان پاس ڪرائڻ جي ضرورت هوندي پر اهو ان وقت تائين شروع نه  ٿي سگهندو جيستائين رياض اسرائيل کي تسليم نٿو ڪري.

معاهدي ۾ علائقائي خطرن خاص طور ايران کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل فوجي مشقن ۽ مشقن کي وڌائڻ شامل آهي.

ذريعن موجب اهو معاهدو آمريڪا ۽ سعودي دفاعي فرمن وچ ۾ ڀائيواري کي هٿي ويندو، جڏهن ته  معاهدو جديد ٽيڪنالاجي خاص طور ڊورن دفاعي شعبي ۾ سعودي سيڙپڪاري کي هٿي  ڏيندو.

گلف ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي سربراهه عبدالعزيز الصغير چيو ته سعودي عرب کي هڪ سڪيورٽي ڊيل ملندي جيڪا وڌيڪ فوجي سهڪار ۽ آمريڪي هٿيارن جي وڪري جي اجازت ڏيندي.

هلندڙ سال جي شروعات ۾ هڪ وسيع پئماني تي گڏيل سلامتي جو معاهدو حاصل ڪرڻ جي مهم ۾ سعودي عرب فلسطيني رياست بابت پنهنجي موقف ۾ نرمي ڪندي آمريڪا کي ٻڌايو ته اسرائيل طرفان ٻه رياستي حل لاءِ عوامي عزم نار رياست کي معمول تي آڻڻ لاءِ ڪافي ٿي سگهي ٿو.

پر غزا ۾  اسرائيل جي فوجي ڪاررواين تي سعودي عرب ۽  وچ اوڀر ۾ عوام ڏک ۽ ڪاوڙ سبب سعودي ولي عهد محمد بن سلمان هڪ ڀيرو ٻيهر اسرائيل کي تسليم ڪرڻ کي مشروط قرار ڏيندي چيو ته هو هڪ فلسطيني رياست قائم ڪرڻ لاءِ پختا قدم کڻندا.

اولهه جي سفارتڪارن جو چوڻ آهي ته اسرائيلي وزيراعظم بن يامن نيتن ياهو هاڻي به سعودي ۽ عرب دنيا ۾ قبوليت ماڻڻ لاءِ بي چين آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
120,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
12 ° C
12 °
12 °
29 %
1.5kmh
0 %
اربع
15 °
خميس
15 °
جمعو
14 °
ڇنڇر
14 °
آچر
11 °

تازه ترين خبرون