سعودي عرب جو اعليٰ سطحي وفد پاڪستان پهچي ويو

- Advertisement -
سعودي عرب جو اعليٰ سطحي وفد پاڪستان پهچي ويو آهي. سعودي اعليٰ سطحي وفد هوائي اڏي تي پهتو، جتي وفاقي وزير مصدق ملڪ ۽ ڄام ڪمال مهمانن جي آجيان ڪئي. سعودي وفد ۾ 30 کان وڌيڪ ڪمپنين جا نمائندا شامل آهن. واپاري وفد ۾ اهم شخصيتون شامل آهن، جيڪي پاڪستان ۾ واپار توڙي سيڙپڪاري جي نون موقعن جو جائزو وٺنديون. پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ مختلف شعبن ۾  خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. سعودي وفد ٽيڪنالاجي،  توانائي، هوا بازي، اڏاوت، مائننگ ۽ هيومن ريسورسز جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جو جائزو وٺندو. سعودي  عرف جو اعليٰ سطحي وفد پاڪستان ۾ ٽي ڏينهن ترسندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.2 ° C
18.2 °
18.2 °
38%
1.8m/s
1%
جمعو
26 °
ڇنڇر
26 °
آچر
25 °
سُومر
27 °
اڱارو
25 °

تازه ترين خبرون