- Advertisement -
غزه ۾ اسرائيل جي دهشتگردي جاري آهي، يهودي فوج گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 32 فلسطينين کي شهيد ڪري ڇڏيو.
عرب ميڊيا موجب، رفح ۾ گهر تي هوائي حملي ۾ 9 فلسطيني شهيد ٿي ويا، 7آڪٽوبر کان هن وقت تائين شهيدن جو انگ 34 هزار 683 ٿي ويو جڏهن ته ، 78 هزار کان وڌيڪ مانهو زخمي ٿي چڪا آهن.
هوڏانهن غزه تي اسرائيلي جارحيت جي رد عمل ۾ فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جي ويڙهاڪن جي جوابي حملي ۾ ٽي اسرائيلي فوجي مارجي ويا.
اسرائيلي ميڊيا موجب، اسرائيلي فوج ڪريم شالوم جي علائقي ۾ حماس جي راڪيٽ حملي ۾ ٽن فوجين جي مارجڻ جي تصديق ڪئي آهي.
اسرائيلي ميڊيا موجب، حماس جي حملن کانپوءِ اسرائيلي فوج ڪريم شالوم راهداري کي بند ڪري ڇڏيو آهي.
ٻئي پاسي غزه جنگ بندي لاءِ قاهره ۾ سفارتي ڪوششون جاري آهن، حماس اڳواڻ اسماعيل هانيه جو چوڻ آهي ته حماس جامع جنگ بندي معاهدي جو خواهمشند آهي جڏهن ته اسرائيلي وزيراعظم ڳالهين کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته کين اسرائيل تي اعتبار ناهي هو امريڪا کان خاطري چاهين ٿا ته رفح تي اسرائيلي حملو نه ٿيندو.- Advertisement -
