سعودي عرب جي سيڙپڪاري وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ملاقات

- Advertisement -
آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته سعودي عرب جي سيڙپڪارن جي وڏي وفد جي پاڪستان آمد ٻنهي ملڪن ۾ مضبوط لاڳاپن کي ظاهر ڪري ٿي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف جنرل عاصم منير سان سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير خالد بن عبدالعزيز الفليح اعليٰ سرڪاري ۽ واپاري وفد سان گڏ ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب، ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن خاص طور مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي قدمن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف وفد کي پاڪستان جي مڪمل حمايت ۽ عزم جي خاطري ڪرائي، جنرل عاصم منير پاڪستاني عوام جي سعودي عرب سان محبت ۽ احترام جي جذبي کي به ورجايو. آرمي چيف جنرل عاصم منير بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان طرفان پاڪستان لاءِ مسلسل حمايت تي ٿورا مڃيا. آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته سعودي عرب جي سيڙپڪارن جي وڏي وفد جي پاڪستان آمد ٻنهي ملڪن ۾ مضبوط لاڳاپن کي ظاهر ڪري ٿي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.1 ° C
25.1 °
25.1 °
39%
0.9m/s
0%
خميس
31 °
جمعو
33 °
ڇنڇر
33 °
آچر
29 °
سُومر
30 °

تازه ترين خبرون