صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته هو اسلامي دنيا جي پرامن مستقبل لاءِ ڪم ڪرڻ چاهن ٿا، پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن، سعودي عرب جي ترقي ۽ خوشحالي سندن لاءِ فخر آهي.
صدر آصف علي زرداري سان سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير خالد بن عبدالعزيز الفليح اعليٰ سرڪاري ۽ واپاري وفد سان گڏ ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران ٻنهي ملڪن معيشيت، زراعت، ڪوئلي جي کاڻ جي کوٽائي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ سهڪار وڌائڻ بابت عزم جو اظهار ڪيو.
ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب لاڳاپن کي هڪ ڊگهي عرصي واري اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي ڀائيواري ۾ تبديل ڪرڻ جي خواهش جو به اظهار ڪيو.
صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته هو اسلامي دنيا جي پرامن مستقبل لاءِ ڪم ڪرڻ چاهن ٿا، پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن، سعودي عرب جي ترقي ۽ خوشحالي سندن لاءِ فخر آهي.
سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير چيو ته سعودي عرب پاڪستان جي تعميري انفرااسٽرڪچر ۽ ڪوئلي جي کاڻ جي کوٽائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جو منصوبو جوڙيو آهي، سعودي وفد مختلف شعبن ۾ 25 معاهدن تي صحيحون ڪندو، معاهدن سان ٻه طرفي اقتصادي سهڪار جي نئين دور جي شروعات ٿيندي.