تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سعودي عرب  ۽ ٻين دوست ملڪن جي سهڪار سان پاڪستان ۾ معاشي استحڪام ممڪن ٿيو : وزيراعظم

- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته سعودي عرب  ۽ ٻين دوست ملڪن جي سهڪار سان پاڪستان ۾ معاشي استحڪام ممڪن ٿيو. سعودي عرب ۾ سيڙپڪاري ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهبازشريف چيو ته پاڪستان ترقي ۽ استحڪام جي راهه تي هلي رهيو آهي، عوام جي خوشحالي پهرين ترجيح آهي. هن چيو ته سعودي عرب ۽ دوست ملڪ جي سهڪار سان ملڪ ۾ معاشي استحڪام ممڪن ٿيو، علم تي ٻڌل معيشت تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي، هو گڏجي مستقبل ۽ ترقي جو سفر طئه ڪري سگهن ٿا. شهبازشريف چيو ته سعودي بادشاهه  ۽ ولي عهد جي ترقيءَ وارو ويزن ساراهه جوڳو آهي، عالمي سيڙپڪاري ڪانفرنس ڪرائڻ تي هو کين ڀيٽا پيش ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته نوجوان قيمتي اثاثو آهن، نوجوانن جي ترقي لاءِ خاص منصوبا شروع ڪيا ويا آهن، ٽيڪنالاجي ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس انقلاب آندو آهي، ٽيڪنالاجي کي هٿي ڏيڻ خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. شهبازشريف چيو ته پاڪستان ۾ دانش اسڪولن واري منصوبي ذريعي وسيلن کان محروم شاگردن کي معياري تعليم ڏني پئي وڃي، دانش اسڪول منصوبو ڪامياب پروگرام آهي، صحت جي شعبي ۾ به پاڪستان ادارن جون ناميان خدمتون آهن. هن چيو ته انساني ترقي گڏيل قدمن ذريعي ئي ممڪن آهي، خوشحالي جي  گڏيل منزل لاءِ پرڏيهي سيڙپڪارن کي ڀليڪار ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته وچ اوڀر ۾ امن لاءِ غزا ۾ رتوڇاڻ روڪڻي پوندي، غزا جي صورتحال دنيا جي امن ۾ خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.8 ° C
19.8 °
19.8 °
42 %
3.7kmh
0 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
23 °

تازه ترين خبرون