تازه ترين

سعودي عرب  ۽ ٻين دوست ملڪن جي سهڪار سان پاڪستان ۾ معاشي استحڪام ممڪن ٿيو : وزيراعظم

وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته سعودي عرب  ۽ ٻين دوست ملڪن جي سهڪار سان پاڪستان ۾ معاشي استحڪام ممڪن ٿيو.

سعودي عرب ۾ سيڙپڪاري ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهبازشريف چيو ته پاڪستان ترقي ۽ استحڪام جي راهه تي هلي رهيو آهي، عوام جي خوشحالي پهرين ترجيح آهي.

هن چيو ته سعودي عرب ۽ دوست ملڪ جي سهڪار سان ملڪ ۾ معاشي استحڪام ممڪن ٿيو، علم تي ٻڌل معيشت تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي، هو گڏجي مستقبل ۽ ترقي جو سفر طئه ڪري سگهن ٿا.

شهبازشريف چيو ته سعودي بادشاهه  ۽ ولي عهد جي ترقيءَ وارو ويزن ساراهه جوڳو آهي، عالمي سيڙپڪاري ڪانفرنس ڪرائڻ تي هو کين ڀيٽا پيش ڪري ٿو.

وزيراعظم چيو ته نوجوان قيمتي اثاثو آهن، نوجوانن جي ترقي لاءِ خاص منصوبا شروع ڪيا ويا آهن، ٽيڪنالاجي ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس انقلاب آندو آهي، ٽيڪنالاجي کي هٿي ڏيڻ خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي.

شهبازشريف چيو ته پاڪستان ۾ دانش اسڪولن واري منصوبي ذريعي وسيلن کان محروم شاگردن کي معياري تعليم ڏني پئي وڃي، دانش اسڪول منصوبو ڪامياب پروگرام آهي، صحت جي شعبي ۾ به پاڪستان ادارن جون ناميان خدمتون آهن.

هن چيو ته انساني ترقي گڏيل قدمن ذريعي ئي ممڪن آهي، خوشحالي جي  گڏيل منزل لاءِ پرڏيهي سيڙپڪارن کي ڀليڪار ڪيو ويندو.

وزيراعظم چيو ته وچ اوڀر ۾ امن لاءِ غزا ۾ رتوڇاڻ روڪڻي پوندي، غزا جي صورتحال دنيا جي امن ۾ خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
119,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
16.7 ° C
16.7 °
16.7 °
26 %
0.6kmh
0 %
آچر
17 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °
اربع
27 °
خميس
27 °

تازه ترين خبرون