غزه کانپوءِ لبنان ۾ اسرائيلي فوج جي جارحيت جاري آهي، صيهوني فوج بيروت ۽ ٻين علائقن تي بمباري ڪئي جنهن ۾ 28 لبناني شهري شهيد ٿي ويا.
لبناني ميڊيا موجب، اسرائيلي فوج لبنان جي البيضاح ۽ نباطيه جي ڳوٺ ڪفر شوبه طرف وڌي رهي آهي.
لبناني ميڊيا موجب، لبنان ۾ اسرائيلي حملن ۾ شهيدن جو انگ 3 هزار 544 ٿي ويو جڏهن ته 15 هزار 36 زخمي ٿي چڪا آهن جڏهن ته صيهوني فوج ڏکڻ لبنان ۾3 لبناني فوجين کي شهيد ڪري ڇڏيو.
ٻئي پاسي يهودي فوج يو اين امن مشن جي عمارت تي ڪيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ 4 اهلڪار زخمي ٿي پيا.
پرڏيهي ميڊيا گڏيل قومن جي امن فوج جي ترجمان جو چوڻ آهي ته زخمي امن فوج جي اهلڪارن جو تعلق گھانا سان آهي.
هوڏانهن حزب الله البيضاح واري علائقي ۾ اسرائيلي فوجين تي راڪيٽ حملو ڪيو جنهن ۾ ڪيترائي اسرائيلي ٽينڪ تباهه ٿي ويا.
ٻئي پاسي حزب الله سربراهه نعيم قاسم جو چوڻ آهي ته لبنان ۾ جنگ بندي جي لاءِ تجويز ڪيل مسودو امريڪي ايلچي هٿان مليو آهي.
نعيم قاسم موجب حزب الله ڳالهين دوران ويڙهه جاري رکندي، حزب الله ڊگھي جنگ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي، اسرائيل کي شڪست نٿو ڏئي سگھي.
حزب الله سربراهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسرائيل لبنان جي خودمختياري جو خيال رکي ۽ لبنان ۾ گھڙي شهرين کي شهيد ڪرڻ بند ڪري.
غزه کانپوءِ لبنان ۾ اسرائيلي فوج جي جارحيت جاري، 28 لبناني شهري شهيد
لاڳاپيل خبرون
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.5
°
C
18.5
°
18.5
°
15%
1.8m/s
0%
اربع
20
°
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°
آچر
17
°


