تازه ترين

سمورن ديس واسين کي آزادي جي 76 هين سالگرهه مبارڪ هجي : صدر عارف علوي

آزاديءَ جي ڏهاڙي جي موقعي تي صدر مملڪت قوم جي نالي خاص پيغام جاري ڪيو آهي.

صدر عارف علوي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته سمورن ديس واسين کي آزادي جي 76 هين سالگرهه مبارڪ هجي، هو پاڪستان جي باني ۽ تحريڪ جي ڪارڪنن جي قربانين خراج تحسين پيش ڪري ٿو.

هن چيو ته پاڪستان جي قيام لاءِ اسان کي پنهنجي ابن ڏاڏن جي قربانين جو قدر ڪرڻ گهرجي ۽ عوام جي خوشحالي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي.

سندس چوڻ هو ته قائداعظم جي قيادت ۾ ننڍي کنڊ جي مسلمانن تاريخي جدوجهد کانپوءِ آزادي حاصل ڪئي آهي.

صدر چيو ته اچو ته جمهوريت، آزادي، معافي ۽ اخلاقي اصولن کي برقرار رکڻ جو عزم ڪرڻ سان گڏ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن کي منهن ڏيڻ وارن مظلوم ڀائرن ۽ ڀينرن کي به ياد ڪيون، پاڪستان ڪشميرين جي حق خود اراديت لاءِ سياسي، سفارتي، ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
105,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
7.7 ° C
7.7 °
7.7 °
22 %
7.2kmh
19 %
ڇنڇر
8 °
آچر
8 °
سُومر
9 °
اڱارو
11 °
اربع
12 °

تازه ترين خبرون