پاڪستان جو 76هون جشن آزادي جو ڏهاڙو ڀرپور قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي.
آزادي جي ڏينهن جي شروعات اسلام آباد ۾ 31 ۽ صوبائي تخت گاهن ۾ 21-21 توپن جي سلامي سان ٿي.
فجر جي نماز ۾ ملڪ جي سلامتي، ٻڌي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعائون گهريون ويون.
آزادي ڏهاڙي جي مناسبت سان سرڪاري ۽ خانگي عمارتن سان گڏوگڏ گهٽين، بازارن ۽ عوامي هنڌن کي ساون جهنڊن ۽ بلبن سان سينگاريو ويو آهي، جڏهن ته پينٽنگز، پاڪستان جي باني جا پورٽريٽ، پوسٽر ۽ بئنر به لڳايا ويا آهن.
آزادي جي ڏهاڙي جي مناسبت سان پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح ۽ علامه اقبال جي مزارن تي به گارڊن جي تبديلي واريون تقريبون ٿيون.
قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي پاڪستان نيول اڪيڊمي جي ڪيڊٽس اعزازي گارڊز جا فرض سنڀالي ورتا.
گارڊز جي تبديلي واري تقريب ۾ ڪمانڊنٽ پاڪستان نيول اڪيڊمي ڪموڊور محمد خالد خاص مهمان هو.
ڪمانڊنٽ ڪموڊور محمد خالد مزار قائد تي گل رکي فاتحه خواني ڪئي.
لاهور ۾ علامه اقبال جي مزار ٿي پاڪ فوج جي دستي رينجرز کان گارڊز جون ذميواريون ورتيون جڏهن ته ٻنهي دستن مصور پاڪستان کي سلامي پيش ڪئي.
ميجر جنرل قيصر سليمان، گيريزن ڪمانڊر لاهور مزار اقبال تي گل رکي فاتحه خواني ڪئي.
جشن آزادي جي سلسلي ۾ سيمينار، تقريبون ڪوٺائي ريليون ڪڍي آزادي جي جدوجهد جي تحريڪ ۾ ڏنل قربانين تي روشني وڌي پئي وڃي.
