جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته سندن مسئلي جو واحد حل الله جو نظام آهي.
سراج الحق تربت سانحي ۾ شهيد ٿيل بيگناهه مزدورن جي علائقي شجاع آباد ۾ سندن رهائشگاهه پهچي پوئنرن سان تعزيت ڪئي.
ان موقعي تي سراج الحق چيو ته پنجن پورهيتن کي دهشتگردي ڪري قتل ڪيو ويو، جنهن جي جاچ ڪرائي وڃي.
هن چيو ته غريب مزدور ڌاڙي ۽ ڦرلٽ بدران حلال جي ڪمائي لاءِ شهر ڇڏي وڃن ٿا، هتي وزيراعظم، وزيراعليٰ ۽ گورنر ان لاءِ نه آيا ڇو جو هي ڪمزور ماڻهن هئا، بلوچستان جي حڪومت اڃا تائين هن خاندان جي قاتلن کي صرف ڪمزور هجڻ سبب انصاف نه ڏئي سگهي آهي.
هن چيو ته هن ملڪ ۾ ڪمزور جو گهر ساڙڻ، ان جي نياڻي کي اغوا ڪرڻ ۽ ظلم ڪرڻ آسان آهي، اهو ظلم جو نظام آهي جنهن کي قبول نٿا ڪن.
سراج الحق چيو ته هن وقت ملڪ جو چيف جسٽس، سينيٽ چيئرمين ۽ وزيراعظم بلوچستان جا آهن، هاڻي بلوچستان سميت پوري ملڪ ۾ امن ٿيڻ گهرجي.